پپو سمراٽ

پپو سمراٽ

پپو سمراٽ

پپو سمراٽ: پپو سمراٽ، پاڪستاني فلمن جي مشهور ڊانس ماسٽر عزيز سمراٽ جو پٽ آهي سندس جنم 1970ع ڌاري لاهور ۾ ٿيو. پپو سمراٽ جو اصل نالو شوڪت حسين آهي. هن پاڪستان جي ڪيترن ئي شاندار اردو ڊرامن ۾ ڪم ڪيو. جن مان ‘مجهي چاند چاهيي’ تي کيس 44هون ‘نگار اوارڊ’ ڏنو ويو. هن ڊانس جي تعليم پنهنجي پيءُ اڪبر خان سمراٽ کان ورتي. هن 19 سالن جي عمر کان فني دنيا ۾ عملي پير پاتو. 1990ع کان هن لاهور جي فلمي دنيا ۽ فلمن جي خاتمي کان پوءِ ٽيليوزن تي ٿيندڙ مختلف پروگرامن ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو، اداڪاري ڪندي ۽ ڊانس سيکاريندي ڪيو. هن ڪيترن ئي پروگرامن ۾ حصو ورتو، جن ۾ ‘مجهي چاند چاهيي’، ‘مکڙا’، ‘چوڙيان’، ‘مجاهد’، ‘مين هون شاهد آفريدي’ قابل ذڪر آهن. هن وقت لاهور ۾ رهي ٿو.


لفظ پپو سمراٽھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو